ٻنڌڻي گبر بند

ٻنڌڻي گبر بند: ضلعي دادو، تعلقي جوهي جي پير گاجي شاهه ٽڪرين سان لڳ، جهانگارن جي ڀرسان بڊي جبل جي شاخ ۽ لنڊي جبل جي وچ تي ٻنڌڻي نالي گبربند ٺهيل آهي. اهو گبربند اٽڪل هڪ ميل ڊگهو، پنجٽيهه فوٽ موڪرو ۽ پندرهن عمق ۾ آهي. هن وقت به گبربند جي مٿين موڪر ڇهن فوٽن کان مٿي آهي. اها ٻن کانچن جي صورت ۾ ٺهيل آهي ۽ کانچا تري کان وٺي مٿي چوٽي تائين پٿرن سان جڙيل (Pitched) آهن. کانچن کي مٽي ۽ ننڍن ننڍن پٿرن سان ڀريو ويو آهي. کانچا مختلف ماپن جا آهن. ننڍي ۾ ننڍو کانچو ڇهه فٽ ۽ وڏي ۾ وڏو کانچو موڪر ۾ ڏهه فوٽ آهي. ٻنڌ جي چوٽي کي پاڻي جي لهرن (Wave Wash) ۽ هوائن جي کاڌ کان بچاءَ لاءِ پٿرن جون ٽي ڪانسون (Cornice) ٻڌل آهن، جي هڪ ٻئي جي مٿان ٺهيل آهن. مٿين ڪانس به ويڪر ۾ ڇهن فوٽن کان ڪجهه وڌيڪ موڪري آهي. هيٺين ڪانس پندرنهن فوٽ ۽ وچين ڪانس ڏهه فوٽ کن ٿيندي. ٻنڌ مٽي، واري ۽ پٿراٽي سان ٺهيل آهي. وقت گذرڻ سان ۽ برساتن ۽ هوائن جي ڪري، ٻنڌڻي گبربند جا ڪي وچان کانچا لڙهي ويا آهن. باقي ٻنڌ منڍ، وچ وچ ۾ ۽ پڇاڙي ۾ اڃا تائين چڱي حالت ۾ بيٺي آهي. هن گبربند جو نمونو خاص ڪري کانچن ۽ کانچن جي وچ ۾ پٿرن جي جڙاوت (Stone pitching) سان اڏاوت جو فن ٻين بندن کان مختلف آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو